ٺڪراٽو ٺڪراٺو

ٺڪراٽو/ ٺڪراٺو: اهو هنڌ جتي ڀڳل ٿانون جا ٽڪرا گهڻا هجن. ڪنهن قديم بستيءَ جو ماڳ. عام طرح ڪنهن ڦٽل ڳوٺ يا شهر واري ماڳ تي ٺِڪر پکڙيل ڏسبا آهن، جيڪي ان بستيءَ جا رهيل نشان هوندا آهن. آڳاٽين بستين جي تلائن، کوهن ۽ تڙن مان نڪتل ٺڪراٽو به آثارن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. آوي جي آس پاس ٺڪريون به ٺڪراٺو ڪوٺبيون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو